SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


رسم الخط/لپي


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

رسم الخط/لپي

(Script)

رسم الخط کي”لپي“ بھ چيو ويندو آھي.رسم الخط مان مطلب هوندو آهي ته”لکت جو رواج.“ ھر سڌريل ٻوليءَ کي ھڪ مخصوص، مناسب ۽ ٺھڪندڙ رسم الخط (Script) ضرور ھوندو آھي. جن ٻولين وٽ رسم الخط جي نعمت نھ آھي، اھي لکيل ادب کان خالي زبانون سڏبيون آھن ۽ انھن جي حيثيت صرف ڳالهائڻ واري زبان (Spoken language) تائين محدود ھوندي آھي.مطلب تھ ھر مھذب ۽ سڌريل ٻوليءَ کي مستقل تحرير ھيٺ آڻڻ لاءِ ھڪ رسم الخط ھئڻ ضروري آھي. 1853ع ۾ جيستائين سنڌي لاءِ موجوده معياري رسم الخط (عربي-سنڌي رسم الخط) منظور نه ٿي ھئي تيستائين سنڌي زبان ڪيترن ئي مختلف رسم الخطن ۾ لکي ويندي ھئي.مثال طور: گرمکي، ديوناگري، عربي، خداوادي، لھاڻڪي، ميمڻڪي، خوجڪي، ٺٽائي، گجراتي، شڪارپوري، ساکرو، ونگائي، سيوهاڻي، ڀاٽيائي. اھڙي طرح ويهين صديءَ جي آخر ۾ سنڌ ۾ حليم بروھي (1935-2010ع)، سراج (11933-2013ع) ۽ ٻين سنڌيءَ لاءِ رومن اسڪرپٽ جي تجويز به ڏني، جيڪا اُلٿي (ٽرانليٽريشن) جي حد تائين استعمال ٿئي ٿي.


Remember Me Also:

ور وارو

وَرَ وارو

اسم خاص. تعلقي ميرپور ماٿيلي ۾ ديهه جو نالو.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal